شهاب الدين ملا

شهاب الدين، مُلا: مُلا شهاب الدين بن ملا آجب، صوفي شاهه عنايت شهيد جي خاندان جو مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. صوفي شاهه عنايت جو سلسلو هن طرح وڃي ملا شهاب الدين سان ملي ٿو. صوفي شاهه عنايت الله شهيد بن مخدوم فضل الله بن مخدوم محمد يوسف بن مخدوم محمد ابراهيم قتال بن مخدوم ملا شهاب الدين بن مخدوم عجائب الدين عرف ملا آجب بن مخدوم صدرالدين عرف صدو لانگاهه. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ”ملا شهاب الدين بن ملا آجب، صالح ۽ ڪامل- رب جو ٻانهو هو.“ هيءُ پنهنجي پيءُ کانپوءِ مسند تي ويٺو. هن کي ٻه فرزند هئا. ’انيس المساڪين‘ ۾ قاضي غلام مهدي لکي ٿو ته: ”مخدوم شهاب الدين کي ٻه پٽ هئا هڪ مخدوم ابراهيم قتال ۽ ٻيو مخدوم رحمت الدين هو.“ پر ’تذڪرة صوفياء‘ ۾ آهي ته: ”شهاب الدين کي ٻه فرزند هئا هڪ وڏو مخدوم ابراهيم قتال ۽ ٻيو مخدوم صحب الدين هو“ ۽ صوفي حضور بخش ڪتاب ’شاهه عنايت شهيد‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ملا شهاب الدين کي ٻه پٽ هئا، جن مان سندس هڪ پٽ مخدوم محب علي خيرپور رياست کان 52 ميل پري، ناري جي ڪپ تي تجل جي مقام تي رهڻ لڳو.“
پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي پنهنجي ڪتاب ‘صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته،
“ملا شهاب الدين کي ٻه فرزند هئا، وڏو ابراهيم قتال، جيڪو پنهنجي پيءُ کانپوءِ گاديءَ تي ويٺو، سندس ٻئي پٽ جو نالو نه رحمت الدين ۽ نڪو محب علي، بلڪه صحبت الدين هو، جنهن کي صحبت علي جي نالي سان به سڏيندا هئا، اهو ئي خيرپور رياست ۾ ناري جي ويجهو وڃي رهيو هو، پر اهو هنڌ هاڻوڪي تجل ڳوٺ کان ڪافي پرڀرو هو ۽ هاڻوڪو تجل ڳوٺ صوفي سلام الله عرف ٿر ڌڻي بادشاهه جي اچي رهڻ بعد ٻڌو ويو. صحبت الدين جو خاندان پوءِ اتان لڏي اچي ڪوٽڏيجيءَ ۾ آباد ٿيو هو.”


هن صفحي کي شيئر ڪريو